سنڌ جي نگران حڪومت ٿل ڪئنال ٽو رٿا جي مخالفت ڪري: سسئي پليجو

گهارو/ٺٽو(نمائندا)ٿل ڪئنال  ٽو منصوبي کي پ پ جي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو رد ڪري ڇڏيو.. هڪ بيان ۾هن چيو ته سنڌ ھن وقت به  پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رھي آھي نگران وفاقي حڪومت جا پاڻيءَ بابت فيصلا قبول ناھن سنڌ جي نمائندن کي ايڪنڪ اجلاس ۾ ٿل ڪينال ٽو جي مخالفت ڪرڻ گھرجي.هي منصوبو سنڌ لاءِ انتھائي خطرناڪ آھي حصي کان به گھٽ ملندڙ پاڻيءَ مان به ڪٽوتي ڪري جيڪو پاڻي ملي ٿو انھيءَ ڪينال سان وڌيڪ بحران پيدا ٿيندو.پنجاب پاران چشما،جھلم لنڪ ڪينال ۽ ٻين ڪينالن ذريعي به  پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو.ٿل ڪينال ٽو موتمار منصوبو آھي جنهن کي ايڪنڪ مان منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي  سنڌجي نگران حڪومت منصوبي جي مخالفت ڪري ،هن چيو ته پُڇڙيءَ وارن علائقن سميت سڄي سنڌ انھيءَ منصوبي خلاف آھي ٿل ڪينال ٽو 91ع واري پاڻي ورھاست واري فارمولي جي به خلاف آھي ٺٽي ۽ بدين سميت سنڌ جي ساحلي پٽي جي روزاني سوين ايڪڙ زمين سمنڊ پيو ڳڙڪائي اتي ڌرياءَ جو پاڻي نٿو پھچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.