ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم کي متحد ڪرڻ جو فيصلو، الطاف حسين سان رابطو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ڪراچيءَ ۾ پي ٽي آءِ جي مقابلي ۾ ايم ڪيو ايم جي مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ انتهائي غير محسوساتي انداز ۾ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ لنڊن ۾  ويٺل الطاف حسين کي ڪجهه رعايتون ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي.،نامياري صحافي اسد علي طور جو چوڻ آهي ته پي ايس پي  کي ايم ڪيو ايم ۾ ضم ڪرائڻ باوجود اسٽيبلشمينٽ کي گهربل نتيجانه ملي سگهيا، ڇو ته ايم ڪيو ايم اندروني اختلافن  جو شڪار  آهي. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ  پنهنجن ناپسنديده  اڳواڻن رضا هارون حيدر عباس رضوي ۽ وسيم اختر کي پاسيرو ڪري ڇڏيو ۽  ٽي ايل پي جي ٻن ڪارڪنن کي ايم ڪيو ايم ۾ دٻاءُ وجهي شامل ڪرايو  ويو. ان هوندي به شايد مسئلو حل نه ٿيو، اسٽيبلشمينٽ ٻي واهه نه ڏسي گذريل  جون ۾ الطاف حسين سان رابطو ڪيو هو ۽ کيس ايم ڪيو ايم پاڪستان کي قبول ڪرڻ عيوض ڪجهه رعايتون ڏيڻ جي آڇ  ڪئي هئي. ان جي موٽ ۾ گذريل جولاءِ  ۾ ڪورنگي ۾ الطاف حسين جي حمايت ۾ وڏي ريلي به ڪڍرائي وئي هئي جنهن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جا اڳواڻ گهٻرائجي ويا ۽ اسٽيبلشمينٽ سان شديد احتجاج ڪيو جنهن تي کين تسلي ڏيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم لنڊن جا اٽڪل 300 ڪارڪن گرفتار ڪري اکين ۾ مٽي وڌي وئي. ڇو ته ان وقت ملٽري  ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ٻين قانونن ۾ ترميم لاءِ پارليامينٽ ۾ ايم ڪيو ايم  جي گهرج هئي. هاڻي جڏهن نواز شريف ڪراچيءَ  جي سروي ڪرائي ته خبر پئي ته چونڊن ۾ پي ٽي آءِ  پهرين ۽ پيپلز پارٽي ٻئي نمبر تي هوندي. ان بعد وري اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ جي رستا روڪ لاءِ ايم ڪيو ايم کي متحد ڪرڻ لاءِ الطاف حسين کي رعايتون ڏئي اڳيان آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پر ان معاملي تي اسٽيبلشمينٽ اندر ۽ خود ايم ڪيو ايم اندر اختلاف آهن، ان هوندي به نظر اهو اچي رهيو آهي ته غير محسوساتي انداز ۾ ايم ڪيو ايم کي متحد ڪرڻ جون ڪوششون هلي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.