قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر ۾ پورهيت جي خيمي کي باهه لڳڻ سبب 3 معصوم ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا .
ڳوٺ رب رکيو لاکو ۾ باهه لڳڻ سبب پورهيت هاشم کوسو جي خيمي کي باهه لڳي وئي.
باهه لڳڻ سبب خيمي ۾ ننڊ پيل 3 معصوم ٻارڙا چاهت ، صحت ۽ امير کوسو سڙي خاڪ ٿي ويا.
باهه سبب رشيد سندس ڀاءُ ضمير ، نصيبان ۽ شبيران کوسو سڙي زخمي ٿي پيا.
هڪ ئي گهر جي ٽن ٻارڙن جي فوتگي تي ڳوٺ ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي .