حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ جي حيدرآباد ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث 12 پوليس عملدارن کي معطل ڪري ڇڏيو.
معطل ڪيلن ۾ 2 انسپيڪٽر، 2 سب انسپيڪٽر، هڪ اي ايس آءِ، 3 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 4 اهلڪار شامل آهن.
معطل ڪيل عملدار پگهارن ۽ الائونس کان محروم رهندا، کين روزانو ڊي آءِ جي آفيس حاضر ٿيڻو پوندو.