ڪراچي (رپورٽر) مسلم ليگ سنڌ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم نواز شريف ئي هوندو،نواز شريف شهباز شريف مريم نواز جلد ڪراچي ايندا. هن اهڙو اظهار بلديا ٽائون ۾ ن ليگ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ن ليگ جي قيادت جلد ڪراچي ايندي، بلديا ٽائون ۾ جلسي نوازشريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز ۽ ٻيا خطاب ڪندا. هن چيو ته بلديا ٽائون جي پي ايس 111 ۾ سلمان خان جي سٺي محنت آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ سلمان خان ن ليگ جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهندو، ن ليگ قيادت کي به آگاهه ڪندس ته ڪراچي جي بلديا ٽائون جي پي ايس 111 تي سلمان خان کي ٽڪيٽ جاري ڪري. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ به ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي بلديا ٽائون جي پي ايس 111 ن ليگ جي اميدوار سلمان خان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 2018 واري اليڪشن ۾ اين اي 249 تي وڏي ڌانڌلي ڪئي وئي. هن ڀيري ڪا به ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏبي. بلديا ٽائون مان توڙي پوري ڪراچي ۾ ن ليگ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي. ان موقعي تي نواز ليگ اڳواڻ اختر جدون چيو ت پيپلز پارٽي 15 سالن ۾ سنڌ جي عوام کي ڪجهه به ناهي ڏئي سگهي.
شهري کي ٻيهر شناختي ڪارڊ نه ٺاهي ڏيڻ تي نادرا کي نوٽيس
ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ ڪورنگي جي رهواسي عبدالرحيم جو شاختي ڪارڊ ٻيهر نه ٺاهڻ خلاف داخل درخواست تي عدالت نادراکي 22ڊسمبر جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته پيءُ ۽ ڀائرن جا ڪارڊ ٺاهيا ويا آهن پر مان 2018ع کان چڪر لڳائي رهيو آهيان شاختي ڪارڊ ٻيهر نه ٺاهيو ويو آهي