ناري ۾ عرب شهزادي جي ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت، ٻيو زخمي

خيرپور/چونڊڪو(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو/علي شير ملاح)ناري تعلقي جي قادن جي پيلس واري علائقي  ابوظهبي جي عرب شھزادي جي ويگو گاڏي جو موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر ھڪ ڄڻو چيڀاثجي  فوت ٿي ويو جڏھن  ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته موٽر سائيڪل سوار سرور پٽ امير بخش مڱريو پنھنجي مائٽ بهرام پٽ ماڻيٺو مڱريو سان گڏ قادن جي پيلس واري علائقي کان سوراہه ڏانھن وڃي رھيو ھيو ته پويان عرب شھزادي جي تيز رفتار ويگو گاڏي کين ٽڪر ھڻي ڪڍيو جنھن نتيجي سرور پٽ امير بخش مڱريو موقعي تي ئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جڏھن ته بهرام پٽ ماڻيٺو مڱريو شديد زخمي ٿي پيو واقعي جو اطلاع ٻڌندئي ئي علائقي واسي واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي ۽ زخمي کي ڌار ڌرا گاڏين ۾ کڻي سول اسپتال خيرپور پھچايو ھوڏانھن واقعي جو ڪيس سوراہه ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو پر آخري اطلاعن تائين پوليس ڪوبه جوابدار گرفتار ناهي ڪيو.نوجوان جا عزيز سراپا احتجاج آهن رياستي مشينري انهن کي خاموش ڪرائڻ ۾ رڌل ۽ علائقي جا بااثر به مٿن پريشر وجهڻ لڳا ،وارثن جو  چوڻ آھي ته خدارا اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ هن ٿر جي وارئ جي دڙن کي هنن بگهڙن کان آزاد ڪرايو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.