اسلام آباد(م ڊ) جسٽس اعجاز الاحسن رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي خط لکي سپريم ڪورٽ ۾ بينچن جي قيام تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن خط ۾ چيو آهي ته ججز ڪميٽي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 7 جج فوجي عدالتن جي فيصلي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪندا. خط جي متن موجب 3 رڪني ڪميٽي جو اجلاس 7 ڊسمبر تي چيف جسٽس جي چيمبر ۾ ٿيو، ڪميٽي جو اجلاس 4 وڳي ٿيو ۽ اجلاس جي ايجنڊا هڪ ڪلاڪ اڳ تيار ڪئي وئي. مان ڪميٽي جي اجلاس ۾ ميمبر طور شرڪت ڪئي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته پهريون نقطو لسٽ ۾ شامل ڪيسن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو هو، ٻيو نقطو آئيني درخواستن جي ٻڌڻي بابت ڪميٽي جو حڪم هو. ٽيون نقطو ڪيس جي جلد ٻڌڻي لاءِ وقت مقرر ڪرڻ بابت پاليسي جو تعين هو. خط جي متن موجب ڪميٽي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 5 رڪني بينچ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت فيصلو ڏنو. مون مطالبو ڪيو هو ته پڪ ۽ چوز ( من پسند) جو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ سينيئر ججن تي ٻڌل بينچ جوڙي وڃي.