اسلام آباد(م ڊ) شوڪت ترين سينيٽ جي سيٽ تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. آچر ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ناڻي واري اڳوڻي وزير شوڪت ترين جي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفا منظور ڪري ورتي آهي. سينيٽ چيئرمين عراق کان دبئي پهچي ويو جتي شوڪت ترين ساڻس ملاقات ڪئي. شوڪت ترين ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين کي پنهنجي استعيفا پيش ڪئي.