ذوالفقار ڀٽو ريفرنس جو ٽرائل ٽي وي تي لائيو ڏيکاريو وڃي: فيصل ڪريم

اسلام آباد ( م ڊ)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي  جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو کي 4 اپريل 1979ع تي ان وقت جي آمر هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڦاهي ڏني هئي.  جاري ڪيل بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر هو ته هن 4 اپريل 2010ع تي صدارتي ريفرنس موڪليو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو هو، ان جو ٽرائيل ٿيڻ گهرجي ۽ اڱاري تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ٿيندي. فيصل ڪريم ڪنڊي موجب  بلاول ڀٽو زرداري به درخواست ڏني آهي ته کيس ڪيس ۾ ڌر بڻايو وڃي. پنهنجي بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس جي ٽرائل کي لائيو ڏيکاريو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.