اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جاري ناهي ڪيو: ترجمان

اسلام آباد ( م ڊ )  اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ  آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جاري ناهي ڪيو. ترجمان جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ شيڊول جعلي آهي، اليڪشن ڪميشن کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي بيان تي ڌيان نه ڏنو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب اهڙن بيانن کي اليڪشن ڪميشن جو پاليسي بيان نه سمجهيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ داخل درخواستن تي ڪا به مشاورت نه ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.