خضدار ۾ ڌماڪو، ايس ايڇ او شهيد، 2 اهلڪار زخمي

خضدار ( رپورٽ: يار محمد بروهي ) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ايس ايڇ او سي ٽي ڊي جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي ۾ سي ٽي ڊي ايس ايڇ او محمد مراد شهيد ٿي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن کي ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي خضدار ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ سي ٽي ڊي ايس ايڇ او محمد مراد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير چيو ته ڌماڪي ۾ زخمي راهيگرن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائي بلوچستان ۾ امن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي نوجوانن جا حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. پوري قوم وطن خاطر جانيون قربان ڪندڙن کي سلام پيش ڪري ٿي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.