اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) استحڪام پاڪستان پارٽيءَ ۽ ن ليگ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت ڳالهين جي حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته ن ليگ کان آءِ پي پي 20 قومي ۽ 44 صوبائي تڪن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي گهر ڪئي آهي، نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ موٽ ۾ آءِ پي پي کي گهر ڪيل سيٽن مان صرف 10 سيڪڙو سيٽن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي آڇ ڪئي آهي. جڏهن ته آءِ پي پي اڳواڻ عليم خان جو چوڻ آهي ته اڃان تائين ڪنهن به پارٽيءَ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڳالهيون نه ٿيون آهن.