ڪارونجهر بابت ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ڪارونجهر کي محفوظ ڪرڻ واري ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيل اپيل ٻڌڻي  لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، ڪارونجهر سجاڳ فورم سنڌ جي وڪيلن، دانشورن ۽ ساڃاهه وندن کي ڪارونجهر جي مالڪي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران ڪارونجهر جون ليزون رد ڪري ان کي محفوظ بڻائڻ واري عدالتي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ھو، جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس سيد حسن اظھر رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت تي ٻڌل بئنچ 13 دسمبر تي دخواست تي ٻڌڻي ڪندي. سنڌ حڪومت پاران چيف سيڪريٽري ذريعي ڪيل درخواست ۾ وڪيل شنڪر لال ۽ منور ساگر سميت ٻين کي جوابده ڄاڻايو ويو آھي. ٻي پاسي ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن الهرکيو کوسو، مصطفي دل، رميش ڪارونجهري ۽ ٻين چيو آھي ته ڪارونجهر سنڌ جو قومي، سياحتي، ثقافتي، مذھبي ۽ تاريخي ورثو ھئڻ سان گڏوگڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو واحد ذريعو آھي، ھنن چيو ته مقامي ماڻهن جو پراڻو مطالبو رھيو آھي ته ڪارونجهر تان ڪٽائي بند ڪري ڪارونجهر کي مڪمل محفوظ ڪري عالمي ورثي ۾ شامل ڪرايو وڃي، ھنن چيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪارونجهر تان ڪٽائي بند ڪري ليزون رد ڪري سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو ھو ته ڪارونجهر کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.