نواز شريف هيڏانهن، هوڏانهن ڏسي چوي ٿو مون کي واپس ڇو گهرايو : قادر پٽيل

لاهور ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ عبدالقادر پٽيل جو چوڻ آهي ته ميان صاحب ڪڏهن هيڏانهن ڏسندو آهي ۽ ڪڏهن هوڏانهن  ڏسندو آهي ۽ پوءِ چوندو آهي مون کي ڇو گهرايو. لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عبدالقادر پٽيل چيو ته ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ ۽ سندس سمورا نمائندا عوام ۾ وڃڻ کان ڊڄن ٿا. توهان عوام ۾ وڃڻ بدران آفيسن جا چڪر لڳائي رهيا آهيو. عبدالقادر پٽيل چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي خيبرپختونخواهه ۾ بيٺو آهي ۽ سڀاڻي اليڪشن ڪرائڻ جو چئي رهيو آهي، شينهن جو شڪاري آصف زرداري اڄ لاهور ۾ ويٺو آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته سنڌ ۾ ڄام صادق علي جهڙو وڏو وزير رکيو ويو جنهن گهٽين ۾ ٽارچر سيل ٺاهيا، جڏهن مشرف کيس ٽارچر سيل ڪري ڪراچي موڪليو ته اسان جي ماڻهن چيو ته ان جو خيال رکو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.