شڪاگو(پ ر)سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا)، شڪاگو جي طرفان سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو وڏي مان، شان ۽ ڌوم ڌام سان ملهايو ويو. هن ڏهاڙي تي شڪاگو ۾ رهندڙ سنڌين وڏي پئماني تي اجرڪ ٽوپي ۽ سنڌ جي ٻين ثقافتي رنگن سان شرڪت ڪئي.پروگرام جي ميزبان فريد ڀٽو شاهه لطيف جي بيت ”اول الله عليم“ سان شروعات ڪئي. ڪليم شاهه هن پروگرام جي ميزباني ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو. سانا شڪاگو چيپٽر جي صدر فرحان قاضي آيل مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ هن پروگرام جي آرگنائيزر منير سومرو، اسحاق تنيو ۽ ٻين جا ٿورا مڃيا ياسمين سومرو سيڪريٽري شڪاگو چيپٽر، آيل مهمانن کي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان رٿيل پروگرام بابت آگاهي ڏني. رحيم ميمڻ خزانچي تقرير ڪندي چيو ته هن پروگرام جي ڪاميابي لاءِ دوستن ڏينهن رات محنت ڪئي آهي ۽ هن سڀني آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا. تقريب ۾ ڊاڪٽر آفتاب انصاري،پروفيسر ڊاڪٽر گل آغا، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، ڊاڪٽر فرح ۽ سانا جي مرڪزي خزانچي اعجاز ميمڻ خاص طور تي شرڪت ڪئي. انهن کان علاوه پاڪستان کان آيل ڊاڪٽر جبار ميمڻ، حاڪم زرداري ۽ ڊاڪٽر دليپ ڪوهستاني به شرڪت ڪئي. ثقافت جي ڏهاڙي ملهائڻ جي خاص ڳالهه شڪاگو ۾ رهندڙ، سمينه ميمڻ، سيما شاهه، انجم قاضي، شفقت شاهه، ظهور شاهه، جميل سولنگي، شنڪر هرياڻي، رضيه سولنگي، صبا سولنگي، عمره شاهه، ڪويتا هرياڻي، عمبرين شاهه ٻين جمن دربدر جو گيت ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“.آيل مهمانن هن گيت کي ڏاڍي چاهه سان ٻڌو ۽ ڳائيندڙ کي خوب داد ڏنو. سنڌ جي ان يگاني قومي شاعر ماما جمن دربدر جو اھو گيت ڄڻ سنڌ جي خوابن جو ترانو ٿي اڀريو آھي. هن جنم هن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان، مان جتي به هجان، سنڌ تنهنجو ٿيان“ جي سرجيندڙ مشهور شاعر اسحاق تنيو ترنم ۾ پنهنجا نظم پيش ڪيا.دنيا جي مشهور ڪمپيوٽر سائنسدان پروفيسر گل آغا شڪاگو ۾ رهندڙ هوشيار سنڌي ٻارن جي همت افزئي ڪرڻ لاءِ انعام ورهايا. ظهور شاهه ”شام جو هي پهر“ گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.سنڌي گيتن جي ان محفل ۾ سانا جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ جيجي زرينه بلوچ جو ڳائيل مشھور قومي گيت “جيئي سنڌ جيئي سنڌ- جام محبت پيئي سنڌ’، ڊاڪٽر گل آغا سان گڏ پيش ڪيو. سانا جي سڏ تي ڪينيڊا جي ٻن شھرن ٽورنٽو ء ايڊمنٽن جڏھن ته آمريڪا ۾ شڪاگو سميت واشنگٽن ڊي سي ء ھيوسٽن ۾ ثقافتي ڏينھن جون تقريبون ڪيون ويون جن ۾ ٻن ھزارن کان وڌيڪ سنڌي ماڻھن شرڪت ڪئي سڀني پروگرامن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي ٻين مادري زبانن سان گڏ قومي ٻوليء جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.