انساني حقن جو پڌرنامو ۽ هڪ سوال

غضنفر سولنگي 

”جين جيڪس روسو چيو هو ته انسان هن دنيا ۾ آزاد پيدا ڪيو ويو آهي پر معاشري جي رسمن ۽ رواجن  ۾ اهڙو ته جڪڙيل آهي جو هو  پاڻ کي آزاد محسوس نٿو ڪري“

انساني سماج  جي ارتقا  ۾ عام فردن کي آزاديءَ جي اجازت نه هئي، جنهن معاشري کي اسين غلاميءَ واري دور جي شروعات چئي سگهون ٿا، غريب ماڻهو معاشري ۾ ماريل ئي رهيو جڏهن هوريان هوريان سماج بدليو ۽ سماج جا قدر بدليا، ۽ انهن بدلجندڙ دور سان گڏ ماڻهن جي ذهني ۽ شعوري ترقي ظاهر ٿيڻ لڳي، ته اهڙي طرح وري ان بدلجندڙ سوچ سان گڏ ماڻهن اهو ڄاڻي ورتو ته انساني معاشرو هاڻي تبديل ٿئي پيوِ.  ترقي ماڻهن جي سوچ سان سلهاڙيل  آهي نه وري ڪا قدرتي طرح سان ڪو ڪرشمو يا معجزو ٿيندو ، اهڙي ئي طرح وقت گذرڻ سان ۽ انهن انسانن ۽ ماڻهن جي ڪيل بغاوتن ۽ ڪوششن سان نئون سماج ٺهندو پئي ويو، جنهن ۾ انهن  ڪروڙين ماڻهن پنهنجي جان ۽ مال جي  قرباني ڏني  هئي۔

اڄ کان 75 سال اڳ دنيا جي بين الاقوامي تنظيم اقوام متحده  هڪ انساني حقن جي حوالي سان پڌرنامو پاس ڪيو هيو جيڪو سڄي سنسار ۾ انسانن جي ترقي،آزادي، ۽ واڌ ويجهھ جو اهم ۽ جامع دستاويز سمجهيو ويندو آهي، دراصل اهيو  پڌرنامو نتيجو هيو ٻئي جنگ عظيم جو جنهن ۾ پنج ڪروڙ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا۔ 24 آڪٽوبر 1945ع تي اقوام متحده جي قيام کان پوءِ  انهيءَ جي اهم باڊي جنرل اسيمبلي جو 10 ڊسمبر 1948ع تي پئرس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٺهراءُ نمبر 217 A پاس ڪيو ويو انهي انساني حقن جي ٺھراءُ لاءِ  18 ميمبرن جي ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن کي ايلن روزو ولٽ  جي چوڻ تي گهرايو ويو هيو خاص ميمبرن ۾  (1 ) ڊاڪٽر چارلس ملڪ لبنان (2) ايلگزنڊر بوگرومليو روس

( 3 ) ڊاڪٽر پينگ چين.

  (4) ريني ڪيسن فرانس (5 )ايلن روزو ولٽ آمريڪا

( 6) چارلس ڊڪس برطانيا  (7 ) وليم هوڊگس  آسٽرليا

(8) هيرنان سانٽا چلي ۽

( 9) جوهن پي ڪينڊا شامل هئا۔ انساني حقن جي پڌرنامي ۾ ڪل ٽيھه آرٽيڪل شامل آهن جيڪي دنيا جي پنچ سو ٻولين کان به وڌيڪ زبانن ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيا ويا آهن،دراصل انسانيت مسلسل ڪوشش ۾ رهي آهي ته جيئن انسان جي شخصيت جي مثبت پهلوءَ کي اجاگر ڪيو وڃي. انساني نسلن جي ارتقا کان وٺي ”انساني حقن جي عالمگير پڌرنامي“ تائين، انقلابي ذهنن پاران صدين جي تبديليءَ واري مرحلن کان پوءِ  حاصل ڪيل  هي هڪ ڊگهو سفر آهي.

روحاني شخصيتن، سياسي ۽ سماجي مفڪرن ۽ فلسفين پاران انساني نفسيات کي منفي مقابلي کان مثبت مقابلي ۾ تبديل ڪرڻ جون اهي ڪوششون حقيقت ۾ پوري انسانيت جو ورثو آهن، ڪنهن هڪ نسل، برادري يا قوم جو نه پراهو هڪ اهڙو خواب آهي جيڪو دنيا لاءِ  آرزو ڪري ٿو جتي خود غرض خواهشون ۽ خود غرضي عزائم ڪنهن ڏينهن  ختم ٿي سگهن ٿا. اهو به سچ آهي ته انسانيت هر نئين ڏينهن نئين عزم سان وڌيڪ مهذب ٿي رهي آهي، انساني فطرت جي وحشي جبلت کي منهن ڏيڻ لاءِ  اهو سب ممڪن آهي پر بدقسمتيءَ سان انساني لالچ  انساني شعور کي ڪم ڪرڻ کان روڪيندي رهي آهي.

درحقيقت، اقوام متحده پاران انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جو مسودو انسان جي وقار کي قائم رکڻ جي هڪ اهڙي ڪوشش هئي، پر هاڻي لڳي ٿو ته برابري ۽ انصاف جو اهو خوبصورت خواب پنهنجي اصل روح ۾ پورو نه ٿي سگهيو آهي. انساني حقن جي بنياد تي رياستن جي واعدن ۽ ڪاميابين تي ست ڏهاڪن کان وڌيڪ ڪاغذي ڪم جي باوجود ان جي حقيقت بلڪل ابتڙ نظر اچي ٿي. هر دفعي ڪنهن فرد جي حقن تي سمجهوتو ڪيو وڃي ٿو يا انسان جي وقار کي بدنام ڪيو وڃي ٿو. اهو انساني نسل جي اجتماعي ضمير کي سوچڻو پوندو ۔

درحقيقت دنيا ۾ وڌندڙ افراتفري ۽ انارڪي سماج جي بي آواز ۽ ڪمزور طبقن جي سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي احتجاج کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته طاقتور رياستن جي  سياسي راند جي نتيجي ۾ ملڪن جي مڪمل تباهي ۽ لکين خاندانن کي جيئن ڪشمير ،فلسطين شام، يمن، لبيا، ايران ۽ افغانستان ۾ بي گهر ڪيو ويو، ائين ته اهيو انساني حقن جي پڌرنامي جي آرٽيڪل 03 جي کليل ڀڃڪڙي آهي جيڪو زندگي، آزادي ۽ آزادي جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. گڏيل قومن جي انساني حقن جي پڌرنامو  وحشياڻي قتل، زيادتي، اغوا ۽ ڏاڍائي کان روڪين ٿا پر اهي سڀ وارداتون  سنڌ ۾  روز جو معمول بڻيل آهن ظلم ته اهو پڻ آهي ته هنن حقن ۾ ڪيترائي اهڙا حق شامل آهن جنهن جي دنيا ۽ خاص ڪري سنڌ جي غريب عوام کي  خبر ئي ناهي جو هو سرڪار کان گهري سگهن ڪنهن چيو هيو ته الميو اهو ناهي ته توهان کي حق نٿا ملن پر مرڻ جو مقام اهيو آهي ته ماڻهن کي پنهنجي حقن جي خبر ئي ناهي جنهن ۾ خاص ڪري تعليم، صحت، فيملي جي واڌ ويجهھ ، قانون جي پاسداري، قانون جا آزادڻا حق ، تنظيمي حق،  سماجي حق وغيره اچي وڃن ٿا اهي سڀ  حق دنيا جي انسانن کي مهيا ڪيا ويندا بنا ڪنهن تفرقي،  رنگ ، نسل،  ۽ مذهبي متڀيد هجي، پاڻ جي ٿورو غور ڪريو ته سنڌ جي صورتحال انتهائي ڳنڀير رهندي پئي اچي. عورتن جي احساس محرومي  کان وٺي مردن جي معاشي حالات کي ڏسي ڪري اهو ڀلي ڀت نظارو نروار ٿيندو ته پاڻ دنيا جي انساني حقن جي انڊڪس ۾ ڪهڙي نمبر تي بيٺل آهيون.

” اے خدا تیری عدالت میں صدا لایا ہوں

میرے حصے پہ فلاں قبضہ کئے بیٹھا ہے“

هڪ اهم ۽ اڄ جي ڏينهن جي مناسبت سان  سوال اهيو پڻ آهي ته اسان جون سرڪاري تنظيمن ،سياسي سماجي تنظيمن ۽ اين جي اوز سنڌ جي ماڻهن کي اقوام متحده طرفان مليل حقن جي حاصلات لاءِ  ڪيترو ڪم ڪيو آهي ۽  سنڌ جي عوام جي دردن   لاءِ  ڪهڙو درمان بڻيون آهن؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.