اسرائيل جي حملي ۾ مارجي ويل فلسطيني شاعر رفعت العرعير

جنگ ۾ ھلندڙ گولي ڪنھن عام ماڻھوءَ جي حياتي ڦري سگھي ٿي تھ وري ڪنھن اديب،شاعر ۽ ڏاھي جي جسم مان بھ ساھ کي نپوڙي پورو ڪري سگھي ٿي.غزا ۾ هلندڙ  جنگ ھن ڀيري گهڻن صحافين ۽ اديبن جي زندگيءَ جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو آھي انھن ۾ ھڪ ماھر تعليم،شاعر ۽ اديب رفعت العرعير بھ شامل آھي،جيڪو ست ڊسمبر تي خاندان سميت موت جو بک بڻجي ويو ھو. سندس آواز گھڻو سگھارو ھو.جنھن جي ھڪ تبصري تي ايتري واويلا ٿي جو بي بي سي، اھا وضاحت ڪئي تھ اھي ٻيھر ھن گوجندڙ آواز واري شاعر کان تبصرو نھ ڪرائيندا.

غزا جا ماڻھون ۽ ھزارين  مداح  نامور  اديب ۽ شاعر رفعت العرعير جي وفات تي غزا جا هزارين مداح ماتم ڪري رهيا آهن ۽ کيس مختلف طريقن سان خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن. العرعير جي سھري جو چوڻ ھو  ته هو پنهنجي ڀاءُ، ڀيڻ ۽ چئن ٻارن سميت اربع واري ڏينھن تي ٿيل هوائي حملي ۾ شھيد ٿي ويو. هو غزا جي اسلامي يونيورسٽي ۾ انگريزي ادب جو پروفيسر هو. اها  يونيورسٽي بھ 11 آڪٽوبر تي اسرائيلي هوائي حملن ۾ تباهه ٿي وئي ھئي.

رفعت العرعير ھڪ فلسطيني غير سرڪاري تنظيم ”وي آر ناٽ نمبرز “ جو باني ھو. تنظيم 2015 ۾ ڪم شروع ڪيو ھو. ان تنظيم جو ڪم عام طور تي خبرن ۾ ڄاڻائي ويندڙ انگن اکرن بابت ان جي پس منظر ۾ ڪھاڻيون سمجھائڻ ھو.

 اسرائيلي آپريشن جي شروعات کان پوءِ ھن اتر غزا وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو ۽ پنهنجي موت کان ٻه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي ھئي.جنهن ۾ ڪيئن ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا.

هن وڊيو سان گڏ لکيو هو ته عمارت لڏي رهي آهي. ملبي ۽ بم جا ٽڪرا ڀتين سان ٽڪرائجي رهيا آهن ۽ گهٽين ۾ اڏامي رهيا آهن.

7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حماس جي حملي کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ، رفعت العرعير، بي بي سي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ان حملي کي "جائز ۽ اخلاقي” قرار ڏنو ۽ چيو ته اهو "بلڪل وارسا گيٽو جي بغاوت وانگر هو.”

وارسا گيٽو بغاوت 1943 ۾ جرمني جي قبضي واري پولينڊ ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ يهودين هٿيارن کي يهودي آباديءَ ۾ منتقل ڪيو ته جيئن جرمن نازي آباديءَ جي منصوبن جي مزاحمت ڪري کين حراستي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.

اهو هڪ تڪراري تبصرو هو جنهن تي ماڻھن جو مختلف ردعمل آيو ھو ، جنھن بعد بي بي سي هڪ بيان ۾ چيو ھو ته ان ڳالھه تي اتفاق ڪجي ٿو  ته تبصرو اڻوڻندڙ هو ۽ ٻيھر رفعت کي تبصري ڪرڻ جي دعوت نه ڏينداسين.

انگريزي ٻولي رفعت جي لاءِ آزادي جو ھٿيار هئي.سندس ساٿين، شاگردن ۽ دوستن سوشل ميڊيا تي رفعت العرعيري بابت ڪافي تبصرا لکيا آهن.سندس هڪ شاگرد ۽ ويجهي دوست جهاد ابو سليم کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ”انگريزي هن جو شوق هو پر هن سماج کان لاتعلق ٿيڻ لاءِ اهو نه سيکاريو ھو،اھو لاڙو عام طور تي اپر ڪلاس جي انگريزي ڳالهائيندڙ اپر ۽ مڊل ڪلاس وارن ۾ گھڻو آهي.

”رفعت لاءِ، انگريزي ٻولي آزادي جو هڪ ھٿيار هئي،  غزا جي ڊگهي گهيري مان آزاديءَ جو هڪ طريقو، هڪ ٽيلي پورٽيشن ڊيوائس جنھن کي غزا جي علمي، فڪري ۽ ثقافتي ناڪابندي ۽ اسرائيل پاران اڏيل وڏين ڀتين ۾ ڪو فرق نھ  پيو ھو.اليڪس ڪرارفورڊ هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ھو ته ”غزا جو هڪ مشهور ماھر تعليم اديب ۽ شاعر اسرائيلي هوائي حملي ۾ پنهنجي ڪٽنب سميت مارجي ويو آهي.

رفعت العرعير جا لفظ آھن تھ ‘اسان نا اميد آهيون، اسان وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي’.

هڪ صارف رفعت جي تصوير پوسٽ ڪندي لکيو ته ”ڪو به اسان کي خاموش ڪري نھ سگهندو. اسان کي ڪا به شيءَ  ٽوڙي نھ سگھندي ۽ جڏهن اسان مري وينداسين،تھ  اسان پنهنجي پويان ڪهاڻيون ۽ وراثت ڇڏي وينداسين جيڪي اسان جي ٻارن کي ساڳئي رستي تي ھلڻ جي لاءِ رهنمائي ڪندي: آزادي ۽ ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه، ھڪ صارف ڊين ڪوھن لکيو ھو تھ ”ھڪ انگريزي ادب ۽ شاعري کي استعمال ڪري  پنهنجي شاگردن کي صهيونزم ۽ يهوديزم وچ ۾ فرق سيکاريندو ۽ سمجھائيندو ھو ۽  ماڻهن کي سوچ ۽ فڪر سان ھٿياربند ڪندو ھو ".

سندس هڪ دوست معصب ابو طهٰ لکيو  ته ”منهنجي دل ٽٽي وئي آهي، منهنجو دوست ۽ ڪامريڊ رفعت العرعير ڪجهه دير اڳ پنهنجي خاندان سميت وفات ڪري ويو آهي. مان ان تي يقين ڪرڻ نٿو چاهيان. اسان گڏجي اسٽرابيري چونڊيندا هئاسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.