لاهور (عوامي آواز نيوز) نامياري صحافي حامد مير ٻن هفتن جي سالياني موڪل تي ويل آهي، موڪل پوري ٿيڻ بعد پنهنجو پروگرام شروع ڪندو. نامياري اينڪر منصور علي خان جو چوڻ آهي ته ” ٽيلي آن “ تي نامياري صحافي رئوف ڪلاسرا جو پروگرام بند ٿي ويو آهي، ٽيلي آن وارن جو چوڻ آهي ته چينل نقصان ۾وڃي رهيو آهي اسان کان نٿو هلي، اهي به اطلاع آهن ته ٽيلي آن وارا پي آءِ اي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن، جڏهن ته محمد مالڪ 92 چينل ڇڏي پي اين اي تي وڃي رهيو آهي. اطلاع آهن ته پي اين اين جو نالو تبديل ٿي رهيوآهي،مهر بخاري سان ۽ مون سان پي اين اين جا معاملا طئه نه ٿي سگهيا. مٿين خبرن جي حوالي سان صحافي شاهين صهبائي انتهائي غلط ڄاڻ ٽوئيٽ ذريعي ڏني آهي. خاص طور محمد مالڪ ۽ مريم نواز جي حوالي سان شاهين صهبائي انتهائي ڪريل ۽ غليظ الزام لڳايو آهي، حامد مير لاءِ به چيو آهي ته کڏي لائين لڳي ويو آهي اها به غلط ڳالهه ڪئي آهي، مهر بخاري بابت به غلط ڳالهه ڪئي آهي ته اي آر واءِ کان رسڻ واري آهي.