لياري گينگ جي سربراهه عذير بلوچ جي مختلف ڪيسن ۾ بريت چئلينج

ڪراچي ( رپورٽر ) لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ جي مختلف ڪيسن ۾ بريت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪئي وئي آهي. جوابدار عذير بلوچ ۽ شاهد جي مختلف ڪيسن بريت خلاف پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ فيض شاهه پاران داخل اپيل  تي ٻڌڻي ٿي. عدالت شريڪ جوابدار شاهد ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. درخواستگذار موقف ۾ چيو آهي ته جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙعدالت بنا ٽرائل جي آزاد ڪيو ويو. جوابدارن جي بربت ڪالعدم قرار ڏئي ڪيس کي ٻيهر ٽرائل لاءِ اي ٽي سي ۾ موڪليو وڃي. عدالت کي حڪم ڏنو وڃي ته مڪمل ڪيس جو ٽرائل ڪري فيصلو ڪري. عذير بلوچ پنهنجي ساٿين سان 2012 ۾ ٿاڻي ڪلري جي حد ۾ فائرنگ ڪري شهري نوشاد کي قتل ڪيو هو. ٻئي پاسي راءِ جي ايجنٽ ۽ ايم ڪيو ايم لندن جي ٽارگيٽ ڪلر شاهد جي بربت خلاف سرڪار درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ جي هدايت تي اهلڪارن ۽ گهرڀاتين لاءِ مفت طبي ڪئمپ

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) آءِ جي سنڌ رفعت مختيارڪار جي حڪم تي پوليس هيڊ ڪوارٽر اسپتال گارڊن ۾ پوليس اهلڪارن ۽ سندن گهرڀاتين کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي.پهرين مرحلي ۾  پي ايس رسالا ۽ پي ايس عيد گاهه ۾ طبي ڪئمپون لڳايون ويون. اي آءِ جي ويلفيئر زبير نذير جي نگراني ۾ پوليس هيڊڪوارٽر اسپتال پي ايس رسالا ۽ عيد گاهه ۾ لڳايل ميڊيڪل ڪيمپ ۾ مختلف ليبارٽري ٽيسٽ ۽ دوائون فراهم ڪيون ويون. پي ايس عيد گاهه ۾ لڳل ڪئمپس ۾ 160 کان وڌيڪ اهلڪارن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي هيپاٽائيٽس، لپڊ پروفائيل، سي بي سي، يورڪ ايسڊ ۽ ٻيون ليبارٽري ٽيسٽون ۽ دوائون مفت ڏنيون ويون، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن لاءِ گائنا ڪالوجسٽ ۽ پيڊس اسپيشلسٽ مقرر ڪيا ويا. اي آءِ جي ويلفيئر زبير نذير موجب آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي حڪم تي پوليس اهلڪارن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف ضلعن جي پوليس ڊسٽرڪٽ اسپتالن ۽ پوليس جي رهائشگاهن تي ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.