ٻهراڙي ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن،عوام جي اڪثريت قانون بابت اڻ ڄاڻ آهي: ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ:ذوالفقار راڄپر ) سنڌ حڪومت جي انساني حقن جي اداري سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن  10 ڊسمبر عالمي انساني  حقن جي ڏينهن جي موقعي تي منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ اداري جي ويب سائيٽ ۽ سنڌ ۾ عام شهرين لاءِ سرڪاري سطح تي قانوني امداد حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار بابت پڻ معلومات تي مشتمل رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، تقريب کي خطاب ڪندي ايس ايڇ آر سي جي چيئرمين اقبال ڏيٿو عالمي انساني حقن جي چارٽر جي تاريخ ۽ اهميت تي ڳالهائيندي چيو ته عالمي انساني حقن جي ادارن جي موجودگي باوجود غزا ۾ فلسطيني عوام جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، سنڌ جي جيلن واري اڳوڻي وزير جي شهر جيڪب آباد جي جيل ۾ قيدين جي پيئڻ لاءِ پاڻي، سولر سسٽم موجود نه آهي ، بئريسٽر ردا طاهر چيو ته 18 ترميم بعد شهرين کي قانوني مدد ڏيڻ واري ليگل ايڊ ڪميٽي صوبن جي حوالي ٿي وئي آهي، سنڌ ۾ ٽي قانوني مدد فراهم ڪرڻ جا ٽي طريقي ڪار موجود آهن، جن مان ٻه گهرو کاتي وٽ موجود آهن، پر اڪثر عام ماڻهو ان بابت اڻ ڄاڻ آهن جڏهن ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾  71،4  رهندڙ آبادي سنڌ حڪومت جي طرفان قانوني مدد حاصل ڪرڻ جي طريقي ڪار بابت بي خبر  آهي ۽ انهن وٽ  پهچ به نه آهي، جتي عورتن خلاف انساني حقن جون وڌيڪ ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، قنديل شجاعت ايس ايڇ آر سي جي ويب سائيٽ جاري ڪندي چيو ته هاڻي هر هڪ شهري پنهنجي انساني حق جي مسئلي ۽ حاصلات لاءِ پنهنجي سڌي درخواست آن لائن به موڪلي سگهندوسيڪريٽري تعليم سنڌ حڪومت شيرين ناريجو چيو ته اسان جي نصاب ۾ سڀ ڳالهيون موجود آهن، پر ان تي عمل ڪيئن ۽ ڪير ڪندو، روڊن رستن تي گند پيو هوندو ته ان کي کڻڻ ان سان لاڳاپيل اداري جي ذميواري آهي، انساني حقن جي کاتي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جميل ميمڻ سنڌ حڪومت جي انساني حقن جي پاليسي بابت ڳالهائيندي چيو ته فلسطين جي موجوده صورتحال کي ڏسندي عالمي انساني حقن جي ادارن تي ڪهڙو اعتماد ڪجي، پوليس آفيسر طارق ملڪ چيو ته سنڌ پوليس ۾ انساني حقن بابت تعليم ۽ تربيت انهن جي ڪورس جو حصو آهي، سنڌ حڪومت جي انساني حقن جي اداري جي سيڪريٽري تحسيم فاطمه تقريب ۾ موجود سڀني جو ٿورو مڃيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.