اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پاڪستان سلامتي ڪائونسل طرفان هڪ دفعو ٻيهر غزا ۾ جنگ بندي جي اپيل نه ڪرڻ تي مايوسي جو اظهار ڪندي انساني المئي کان بچڻ لاءِ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڇنڇر ڏينهن هتي جاري بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ وڏي پئماني تي انساني المئي جي باوجود سلامتي ڪائونسل جنگ بندي جي اپيل ۾ ناڪام رهي جنهن سان پاڪستان کي مايوسي ٿي آهي، هن چيو ته غزا ۾ ڦاٿل عوام جنهن اجتماعي سزا کي برداشت ڪري رهيو آهي اهو ناقابل قبول آهي ۽ ان جو مثال نٿو ملي، اسرائيلي قدمن سان وسيع تر ۽ وڌيڪ خطرناڪ تڪرار به جنم وٺي سگهي ٿو.
اسرائيل فلسطينين کي نسل ڪشي جو نشانو بڻائي رهيو آهي:صدر علوي
اسلام آباد(بيورو+م ڊ) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي فلسطيني عوام جي خراب حالت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته اسرائيل فلسطينين کي رياستي دهشتگردي ۽ بدترين نسل ڪشي جو نشانو بڻائي رهيو آهي، عالمي برادري اسرائيل خلاف ڪارروائي ۾ ناڪام رهي آهي، عالمي برادري ڪشميرين خلاف دهشتگردي تي ڀارت کي جوابده قرار ڏئي، پاڪستان ۾ تمام اقليتن کي سازگار ماحول ۽ برابر موقعا ميسر آهن، انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو مون کي خوشي آهي ته پاڪستان سمورن اقليتي گروهن کي سازگار ماحول ۽ برابر موقعا فراهم ڪيا آهن .