لکي غلام شاهه لڳ ڪمالاڻي ۽ عطراڻي ڌرين جي تڪرار جو جرڳو، 3 ڪروڙ 67 لک ڏنڊ مقرر

لکي غلام شاهه(رپورٽ نديم جان مهر) رستم ڀرسان ڳوٺ فضلي جتوئي ۾ ڪمالاڻي ۽ عطراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿيو، ڌرين مٿان 3 ڪروڙ 67 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جتوئي برادري جي سردارن اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي، اڳوڻي ايم پي اي مير عابد حسين جتوئي ۽ امير علي جتوئي جي سرپئنچي ۾ جتوئي هائوس تي جهيڙيندڙ ڌرين ۾ نبيرو ڪرايو ويو. خوني جهيڙي دوران ٻن عورتن سميت 17 خون ۽  15/15 زخمي ثابت ٿيا. مجموعي طور تي ٻنهي ڌرين مٿان 3 ڪروڙ 67 لک ڏنڊ هنيو ويو. عطراڻي ڌر ڏيڍ لک موقعي تي ادا ڪيو رهيل  رقم قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. فيصلي ۾ جون، خونن ۾ پاڙي ۽ زخمي، زخمين ۾ پاڙي باقي عطراڻي ڌر مٿان 47 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جتوئي ھائوس جي ترجمان موجب جتوئي هائوس شڪارپور ۾ ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي. هوڏانهن عطراڻي ڪمالاڻي ڌرين وچ هلندڙ تڪرار جي خاتمي ٿيڻ تي علائقي واسين خوشي جو اظهار ڪندي نيڪ تمنائون ظاهر ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.