190 ملين پائونڊ ڪيس، ڪابينا جاچ جو چيو، عمران ڪنهن جي نه ٻڌي:زبيده جلال

اسلام آباد(م ڊ) عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير زبيده جلال چيو آهي ته عمران خان ڪابينا جي هڪ به نه ٻڌي.نيب ٽيم زبيده جلال جي بيان کي پنهنجي جاچ رپورٽ جو حصو بڻائي ورتو ۽ رپورٽ موجب ڪابينا ميمبرن 190 ملين پائونڊز جي جاچ ڪرائڻ جي سفارش ڪئي هئي، زبيده جلال نيب ٽيم کي ٻڌايو ته مان جاچ جو مطالبو ڪيو هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زبيده جلال جو موقف هو ته 190 ملين پائونڊ پاڪستان جو اثاثو آهن، واپس آڻڻ گهرجن، ڪيترن ئي ڪابينا ميمبرن جو چوڻ هو ته 190 ملين پائونڊ واپس آڻڻ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. رپورٽ موجب عمران خان ڪابينا ميمبر نيب جاچ ۾ شامل ٿيا ۽ پنهنجي ان ئي موقف کي ورجايو. زبيده جلال چيو ته اصرار باوجود عمران خان وزيراعظم طور ڪنهن جي نه ٻڌي، ان سنجيده معاملي تي بنا ڪنهن بحث جي ايجنڊا منظور ڪئي وئي ۽ 190 ملين پائونڊز معاملي کي ڳجهو رکڻ جي منظوري ڏني وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 190 ملين پائونڊز جو معاملو ڪجهه ڪابينا ميمبرن جي سخت خدشن باوجود منظور ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.