لکي غلام شاهه(رپورٽ نديم جان مهر) رستم ڀرسان ڳوٺ فضلي جتوئي ۾ ڪمالاڻي ۽ عطراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿيو، ڌرين مٿان 3 ڪروڙ 67 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جتوئي برادري جي سردارن اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي، اڳوڻي ايم پي اي مير عابد حسين جتوئي ۽ امير علي جتوئي جي سرپئنچي ۾ جتوئي هائوس تي جهيڙيندڙ ڌرين ۾ نبيرو ڪرايو ويو. خوني جهيڙي دوران ٻن عورتن سميت 17 خون ۽ 15/15 زخمي ثابت ٿيا. مجموعي طور تي ٻنهي ڌرين مٿان 3 ڪروڙ 67 لک ڏنڊ هنيو ويو. عطراڻي ڌر ڏيڍ لک موقعي تي ادا ڪيو رهيل رقم قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. فيصلي ۾ جون، خونن ۾ پاڙي ۽ زخمي، زخمين ۾ پاڙي باقي عطراڻي ڌر مٿان 47 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جتوئي ھائوس جي ترجمان موجب جتوئي هائوس شڪارپور ۾ ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي. هوڏانهن عطراڻي ڪمالاڻي ڌرين وچ هلندڙ تڪرار جي خاتمي ٿيڻ تي علائقي واسين خوشي جو اظهار ڪندي نيڪ تمنائون ظاهر ڪيون آهن.