نواز شريف جن جي مدد سان اچڻ چاهي ٿو، انهن سان ئي جهيڙو ڪندو: بلاول

لوئر دير (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪو ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻجي فيل ٿيو ته چوٿون ڀيرو ڪهڙو تير هڻندو؟ تيمر گرا ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جون معاشي حالتون اهڙيون ناهن جو اسان انتقام جي سياست يا ڪنهن رانديگر کي برداشت ڪيون، 8 فيبروري تي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ کي چونڊيندو. هن چيو پي ٽي آءِ باني کي موقعو مليو ته هن انتقامي سياست ۾ وقت ضايع ڪري ڇڏيو، زمان پارڪ ۾ انتقامي سياست تي زور ڏنو ويو، واعدو نئين پاڪستان جو هو پر حڪومت ۾ آيا ته اهو ئي ڪم ڪين جيڪو اڳ ۾ ٿيندو هو، پي ٽي آءِ باني سان رڳو اهو اختلاف هو ته هو سليڪٽ ٿي آيو هو، هو غلط هو ۽ امپائر جي آڱر سان پنهنجي سياست ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته ميان صاحب انهن سان وڙهيو، جن کيس اقتدار ۾ آندو، ٻيو ڀيرو ميان صاحب کي ويڙهه سبب ٻاهر وڃڻو پيو ۽ 10 سال آرام ڪرڻو پيو، 2013 ۾ ميان صاحب وري انهن سان ئي وڙهيو، جن کيس اڪثريت ڏياري، مون کي ڇو ڪڍيو ويو چوندو چوندو هو لنڊن جي ايون فيلڊ پهتو ۽ اتان انقلاب آڻڻ لڳو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميان صاحب جو اهو انهن کان مطالبو آهي ته اڪثريت ڏياري وڃي، جيڪو ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻجي فيل ٿيو ته چوٿون ڀيرو ڪهڙو تير هڻندو؟ اسان کي خبر آ ته ميان صاحب چوٿون ڀيرو اچي ڇا ڪندو، ميان صاحب وري انهن سان ئي وڙهندو، جيڪي کيس اڪثريت ڏياريندا. پ پ چيئرمين چيو ته ميان صاحب ووٽ جي بي عزتي ڇڏي ووٽ جي عزت جي سياست ڪري، ميان صاحب ٽي ڀيرا سليڪٽ ٿيو، چوٿون ڀيرو اليڪٽ ٿي ڏيکاري ته مان به مڃيندس ۽ عوام به مڃيندو، چوٿون ڀيرو به سليڪٽ ٿي اچڻ چاهي ٿو ته بسم الله پر نه مان مڃيندس ۽ نه عوام مڃيندو، مان عوام سان گڏ بيهندس ۽ هر سليڪٽڊ جو مقابلو ڪندس. هن چيو ته زمان پارڪ جي وزيراعظم انتقام جي سياست ڪئي، راءِ ونڊ جي وزيراعظم به انتقامي سياست کي هٿي ڏني، عوام ٻنهي جماعتن کان تنگ ٿي چڪو آهي.پ پ چيئرمين چيو ته منهنجو پي ٽي آءِ جي باني سان رڳو اهو اختلاف هو ته هو سليڪٽ ٿي ڇو آيو؟. پي ٽي آءِ جو باني امپائر جي آڱر تي سياست ڪندو رهيو ۽ حڪومت هلائيندو رهيو، نگران حڪومت نون ليگ هلائي رهي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.