جلال پور جٽيان(م ڊ) مريم نواز جي تقرير مان بلاول جو ذڪر غائب، رڳو عمران تي تنقيد پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف جي سياست ختم ڪندڙن جي پنهنجي سياست ختم ٿي چڪي آهي، قائد نواز شريف جو وطن واپسي تي والهاڻو استقبال ڪيو ويو، نواز شريف جو سياسي سفر آسان نه هو پر سمورين مشڪلاتن باوجود عوام جي خدمت سندس ترجيح رهي ۽ عوام چونڊن ۾ سدائين نواز شريف جو ساٿ ڏنو، مريم نواز چيو ته لانڍي کان وٺي اٽڪ تائين ڪا اهڙي جيل ناهي جتي نواز شريف سزا نه ڪٽي هجي
نوازشريف 40 سالن بعد اداري ذريعي اقتدار ۾ اچي ته ڪهڙو فائدو؟:فواد چوڌري
اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. فواد چوڌري کي هٿڪڙيون لڳائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ کيس هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي اينٽي ڪرپشن پنجاب جي حوالي ڪيو ويو عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران هن صحافين سان ڳالهيون پڻ ڪيون. اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري(ن) ليگ اڳواڻ جي نالي تي پيغام پڻ ڏنو. فواد چوڌري چيو ته نوازشريف 40 سالن کان پوءِ به نامزد اداري ذريعي اقتدار ۾ اچي ٿو ته ڪهڙو فائدو؟ هن چيو ته ملڪ ۾ سليڪشن جو عمل روڪي هاڻ چونڊ جو عمل شروع ٿيڻ گهرجي. هاڻ فاصلا به گهٽ ٿيڻ گهرجن. ٻڌڻي دوران جج قاضي ماجد چيو ته اينٽي ڪرپشن پنجاب جي کاتي کي فواد چوڌري جي راهداري ريمانڊ جي ضروت آهي. جنهن تي فيصل چوڌري چيو ته فواد سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو ميمبر آهي. ملڪ آئين ۽ قانون جي تحت نه پيو هلي. جنهن کان پوءِ عدالت پراسيڪيوشن جي استدعا تي فواد چوڌري جي راهدري ريمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.