ڪارگل جنگ جي مخالفت تي مون کي هٽايو ويو، ترقي روڪيندڙن جو احتساب ڪيو وڃي: نواز شريف

لاهور (م ڊ): اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي روڪيندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، 1993 ۽ 1999 ۾ مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ ڇا مون کي ان ڪري ڪڍيو ويو جو مون ڪارگل جنگ جي مخالفت  ڪئي؟ وقت ثابت ڪيو ته اسان غلط نه هئاسين، ڪجهه ڪردارن ترقي ڪندڙ پاڪستان کي برباد ڪيو. نون ليگ جي سربراهه نواز شريف جون لاهور ۾ پارٽيءَ جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس دوران ڳالهيون، نواز شريف چيو ته اسان جي دور ۾ معيشت بهتر ۽ ترقي عروج تي هئي، ڪجهه اهڙا ڪردار سامهون آيا جن ڊوڙندڙ پاڪستان کي بيهاري ڇڏيو. مان انهن ماڻهن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته توهان ائين ڇو ڪيو؟ هڪ اناڙيءَ کي آڻي ملڪ کي ڇو تباهه ڪيو ويو؟ 2022 ۾ شهباز شريف اچي واڳون نه سنڀالي ها ته پاڪستان ڊفالٽ ڪري ها، بجليءَ جي لوڊشيڊنگ اسان لاءِ سدائين مسئلو رهيو آهي، اناڙي شخص اسان لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ وارو مسئلو به پيدا ڪري ويو، اقتدار ۾ اچي عوام کي ڀرپور رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ڇا ڪارگل جنگ ڇيڙڻ جو سوال ڪرڻ تي ڪڍيو ويو؟ قوم گذريل 4 سال ڏکيو وقت ڏٺو، اسان جي دور ۾ معيشت بهتر ۽ ترقي عروج تي هئي پر ڪجهه ڪردار اهڙا آيا، جن ڊوڙندڙ پاڪستان کي ٺپ ڪري ڇڏيو. هن چيو ته هر ڀيري اسان سٺا ڪم ڪيا پر هن ڀيري اسان کي ڪڍيو ويو.اسان چيو ڪارگل ويڙهه نه ٿيڻ گهرجي ها ان ڪري ڪڍيو ويو؟ وقت ثابت ڪري رهيو آهي ته اسان صحيح هئاسين، اسان جو اهو فيصلو به صحيح هو. سندس چوڻ هو ملڪ جي ڳالهه ايندي آهي ته اسان پوئتي ناهيون هٽندا، اسان ايٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ پاڪستان مضبوط ٿي ويو، اڄ ڪنهن کي طاقت ناهي ته پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسي. نواز شريف چيو شهباز شريف اچي نه سنڀالي ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري  وڃي ها، اڳ ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو هو، پي ٽي آءِ حڪومت بجلي اگهن جو مسئلو به پيدا ڪري ڇڏيو، اڄ غريب جي سڄي پگهار بجلي جي بل تي لڳي ويندي آهي، توهان پاڪستان سان ائين ڇو ڪيو؟ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جن ماڻهن ملڪ کي هتي پهچايو آ انهن جو گهيرو ٿيڻ گهرجي، انهن کان پڇڻ گهرجي ته توهان ائين ڇو ڪيو، هي اسان جو ملڪ آهي، اسان جي نسلن کي هتي رهڻو آهي، گهٽ ۾ گهٽ انهن لاءِ ته سٺو ملڪ ڇڏي وڃون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.