اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ آهستي آهستي چونڊن جو ماحول جڙندو نظر اچي رهيو آهي، ان دوران پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ۽ ڪي بورڊ جنگجو اسٽيبلشمينٽ لاءِ وڏو چئلينج بڻجي چڪا آهن، نامياري صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته ايئن نطر اچي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان نه پر پي ٽي آءِ جي ڪي بورڊ واريئرس سان مقابلو آهي، ڇو ته سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ پروپيگنڊا سچ جي جڳهه والاري چڪي آهي، وڏي ڳالهه ته سوشل مييا تي ويٺل چهرا ڪنهن جي به سامهون نه آهن، جيڪا طاقت اسٽيبلشمينٽ پيدا ڪئي هئي ان قوت جو احساس به هاڻي اسٽيبلشمينٽ کي ٿي رهيو آهي پر شايد گهڻي دير ٿي چڪي آهي، زميني حقيقت ٻي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي صورتحال ان جي ابتڙ آهي، وڏي ڳالهه ته چڱا ڀلا صحافي ۽ ميڊيا به پي ٽي آءِ ڪي بورڊ واريئرس جي دٻاءُ ۾ آهي. وڏا وڏا صحافي حقيقي صورتحال بيان ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن کين خوف آهي ته ٽرولنگ جو شڪار نه بڻجي وڃن. ان ڪري تجزين ۾ نه چاهيندي به توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.