ارڙهين ترميم سان ڇيڙ ڇاڙ خلاف تحريڪ جو چتاءُ، نوان لاڏلا عمران جو حشر ڏسن:پيپلز پارٽي

 سکر( رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي 18 هين ترميم سان ڇيڙڇاڙ جي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي . اهڙو چتاءُ ڇنڇر ڏينهن پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ سکر ۾ لاڙڪاڻو، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ورڪرز اجلاس ۾ قراردادون منظور ڪندي ڏنو ويو. اجلاس ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي جلسي ۾ ڀرپور عوامي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو ته 18 هين ترميم ۽ صوبائي خودمختياري تي اسان جو اسٽينڊ رهندو ۽ پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽنداسين  ۽ سنڌ کي 10 سالن جو اين ايف سي جو حساب گهرجي ۽ وفاق اڃان تائين سنڌ کي اين ايف سي جي مد ۾ هڪ کرب روپيا اڃان تائين ادا نه ڪيا آهن. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ ديهي سنڌ وارن جو شهري سنڌ تي قبضي بابت لڳل بئنرن جي مذمت ڪيون ٿا، سنڌ پاڪستان ٺاهيو ۽ هاڻي هڪ جماعت ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ چاهي ٿي. اڄ جن ن ليگ سان اتحاد ڪيو آهي ان نواز شريف پڻ اِهو چيو آهي ته پاڪستان ۾ نوان صوبا ٺهڻ گهرجن. نواز شريف کي وارننگ ٿا ڏيون ته هو سنڌ جي ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ بند ڪري. هن چيو ته جيڪي سنڌ ڌرتي ماءُ جا مخالف آهن انهن کان وڌيڪ ڪو غدار ٿي نه ٿو سگهي. هن چيو ته سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، ڪراچي سنڌ جو دارالحڪومت آهي ۽ رهندو. ان موقعي تي سيد خورشيد شاهه چيو ته 18 هين ترميم کي تبديل ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي پئي وڃي ان لاءِ کين خبردار ٿا ڪيون ته 18 هين ترميم سان ڇيڙڇاڙ جي غلطي به نه ڪجو نه ته جنگ ٿيندي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو هو هاڻي نواز شريف پڻ اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو نظر اچي رهيو آهي پر ن ليگ کي ياد ڪرڻ گهرجي ته عمران خان جو جيڪو حشر ٿيو اهو سڀني ڏٺو. هن چيو ته ملڪ جي معيشت ڪراچي پورٽ ذريعي هلندي آهي پر ان کي لاهور مان هلايو پيو وڃي ۽ اڃان تائين سنڌ کي موٽروي به نه ڏنو ويو آهي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي خلاف اتحاد ٺاهڻ وارا ڀلي اتحاد ٺاهن پر کين شڪست نصيب ٿيندي ملڪ جو وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري بڻجندو. هن چيو ته ڪي پاڻ کي ڀلي لاڏلو بڻائڻ جي ڪوشش ڪن پر پيپلز پارٽي عوام کي پنهنجو لاڏلو سمجهي ٿي. اجلاس ۾ قرارداد منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ويو ته اليڪشن ۾ دير جي خدشي کي ختم ڪرڻ لاءِ جلد اليڪشن جو شيڊيول جاري ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.