اسلام آباد(بيورو+م ڊ) نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد چيو آهي ته ڪرپشن جو خاتمو اجتماعي ڪوششن سان ئي ممڪن آهي، نيب ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ته بدعنواني ۾ ملوث هر عنصر کي نتيجن کي منهن ڏيڻو پوي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن نيب هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته ڪو واحد ادارو بدعنواني جو خاتمو نٿو ڪري سگهي ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي گڏيل ڪوششن سان ئي ان لعنت کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، دستاويزي معيشت يقيني طور تي ملڪ لاءِ مددگار ثابت ٿيندي هن چيو ته نيب قومي خزاني ۾ 10 بلين آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ جي بچت کانسواءِ 2،3 ٽريلين روپين جي وصولي ڪئي آهي،
انتظاميا نواز شريف کي اڪثريت ڏيارڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهي : اعتزاز احسن
اسلام آباد ( م ڊ )سينيئر سياستدان ۽ وڪيل اعتزاز احسن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن، نگران حڪومت ۽ انتظاميا ميان صاحب کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ويو آهي ۽ کيس وزيراعظم جو سمورو پروٽوڪول ملي رهيو آهي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي اعتزاز احسن چيو ته جيڪڏهن چونڊن ۾ ليول پلئنگ فيلڊ هوندي ته قومي اسيمبليءَ جي سيٽن تي ۾ ن ليگ جو حصو گهٽ هوندو. اعتزاز احسن چيو ته مسلم ليگ (ن) تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، نواز شريف 4 سال لنڊن ۾ رهيو، ڇا ڪنهن قيدي يا ڏوهاري کي اهڙي اجازت ملندي آهي، شهباز شريف جنهن ضمانت ڏني، اهو وزيراعظم بڻجي ويو، ن ليگ صرف لاڏلو نه پر لاڏلو پلس آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف وٽ بيٽ جو نشان رکڻ لاءِ ٻه يا ٽي قانوني آپشن آهن ۽ مون ان حوالي سان بئريسٽر گوهر خان کي ڪجهه مشورو ڏنو آهي.