عوام جو سپريم ڪورٽ تي اعتماد متاثر ٿيو آهي:مقبول باقر

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته بدقسمتي سان گذريل ڪجهه سالن ۾ بار ۽ بينچ جا  لاڳاپا سرد ٿي ويا آهن ۽ اسان عوام جي اميدن تي پورو نه لهي سگهياسين. هن چيو ته بار ۽ بينچ ٻئي انصاف ۽ جمهوريت جي حصول ۾ اهم اسٽيڪ هولڊرز جو ڪردار ادا ڪندا آهن، ٻنهي وچ ۾ هم آهنگي جي کوٽ سموري عدالتي نظام کي متاثر ڪري ٿي، ان ڪري اسان کي پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪرڻ گهرجن ۽ سمورن مسئلن کي گڏجي منهن ڏيڻ گهرجي. هن اهڙو اظهار ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي سالياني آجياڻي جي موقعي تي  کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل احمد عباسي، عامر سليم صدر ڪراچي بار ايسوسيئيشن، ممتاز علي مهدي نائب صدر، وقار عالم جنرل سيڪريٽري، صبيح محمود جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب جو افتتاح ڪندي سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو عهدو سنڀالڻ تي جسٽس عقيل احمد عباسي کي واڌايون ڏنيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته جسٽس عقيل عباسي جي دور ۾ بار ۽ بينچ ٻئي گڏجي انصاف جي حصول لاءِ ڪم ڪندا هن چيو ته اڄ به عدليه جي آزادي خطري ۾ آهي، گذريل ڪجهه سالن ۾ اهم ڪيسن ۾ بينچ ٺاهڻ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ پولرائزيشن جو سبب بڻيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي پولرائزيشن ان سطح تي پهچي ويو آهي جو عوام جو سپريم ڪورٽ تي اعتماد متاثر ٿيو آهي. سپريم ڪورٽ جي اختيارن ۽ خاص ڪري اسان جي اڳوڻي چيف جسٽسن جي بينچن جي جوڙجڪ ۾ سڌارو نه ڪرڻ سبب پارليامينٽ کي اهو ڪم ڪرڻو پيو. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته نه رڳو سپريم ڪورٽ پر سمورين هاءِ ڪورٽن کي به بااختيار بڻائڻ گهرجي ته اهي سينيئر ججن جي مشاورت سان بينچون مقرر ڪن. هوڏانهن اجلاس ۾ قانون واري وزير عمر سومرو ڪراچي بار ۽ ٻين بار ايسوسيئشنز لاءِ فنڊز جي درخواست جي سمري پيش ڪئي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي بار ايسوسي ايشن جا مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان مون ان لاءِ اضافي فنڊ مختص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.