تربت ۾ سي ٽي ڊي جي مبينا مقابلي ۾ نوجوان جي قتل جو ڪيس داخل

تربت ( م ڊ )  تربت ۾ سي ٽي ڊي جي مبينا مقابلي ۾ نوجوان بالاچ مولابخش جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مقتول جي والد  جي فرياد تي تربت ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او ۽ ٻين سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. نوجوان جي قتل ڪيس جي جاچ آفيسر نوربخش کي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ تربت ۾ مبينا مقابلي ۾ نوجوان بالاچ سميت 4 ڄڻا مارجي ويا هئا. فوتي جي وارثن پاران تربت ۾ لاڳاپيل عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جي مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ شهرين کان علاوه سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. وارثن ڪوئيٽا ڏانهن لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو گذريل چئن ڏينهن کان جاري آهي. وارثن جي مطالبي تي 17 ڏينهن بعد ڪيس داخل ڪيو ويو، سيشن جج تربت سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.