لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف باني عمران خان توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي ۽ جيل ٽرائل کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. عمران خان طرفان درخواست سلمان اڪرم راجا ۽ بئريسٽر سمير کوسا جي معرفت داخل ڪرائي وئي آهي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي ڌر بڻائيندي چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن غير قانوني طور توهين ڪميشن جي ڪارروائي شروع ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن وٽ توهين ڪميشن جي ڪارروائي جو اختيار ناهي. درخواست گذار موجب اليڪشن ڪميشن ان ڪيس ۾ جيل ٽرائل جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو غير قانوني آهي، جيل ۾ ڳجهو ٽرائل آئين جي آرٽيڪل 4 جي ڀڃڪڙي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن 13 ڊسمبر جي تاريخ جيل ۾ فرد جرم جي ڪارروائي لاءِ مقرر ڪئي آهي، عدالت اليڪشن ڪميشن جو جيل ٽرائل ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.
فيصل چوڌري فواد سان ملاقات نه ٿو ڪرائڻ ڏئي: فواد جي گهر واري
لاهور(م ڊ) فواد چوڌري جي گهرواري حبا فواد پنهنجي ڏير سان ڪاوڙجي پئي، سندس چوڻ هو ته فيصل چوڌري فواد سان ملاقات نه ٿو ڪرائڻ ڏئي. جيل ۾ به فواد سان ملاقات ڪرائڻ نه ڏني وئي، اهو سڀ ڪجهه فيصل چوڌري جي چوڻ تي ٿيو. فواد جي پيشي بابت مون کي ۽ سندس ٻارن کي نه ٻڌايو ويو آهي. هن چيو ته فيصل کان پڇي ته ڀاڄائي ۽ ڀائيٽن جا حق ڇو ماري رهيو آهي.