شفيق مينگل سان ملاقات، آصف زرداري تي ڇتي تنقيد

لاهور (عوامي آواز نيوز) بلوچستان جي بااثر شخصيت شفيق  مينگل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي جيڪا تصوير منظر تي اچڻ کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن شديد رد عمل ظاهر  ڪيو آهي،  نامياري صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته شفيق مينگل انتهائي تڪراري شخصيت آهي. مٿس هزاره واسين جي قتل جو الزام آهي وڍ ۾ اختر مينگل سان تڪرار  ۽ اجتماعي قبرن جا به شفيق مينگل تي الزام آهن، ان ڪري پ پ اڳواڻ نديم افضل چن فوري طور وضاحت ڪئي آهي ته جيڪڏهن ساڳو شفيق مينگل آهي ته پ پ ۾  اهڙن ماڻهن لاءِ ڪابه جاءِ نه آهي. ان کان اڳ ماضيءَ  ۾ جڏهن عرفان مروت آصف زرداري سان ملاقات ڪئي هئي تڏهن  به آصف علي زرداريءَ کي مزاحمت جو منهن ڏسڻو پيو هو. ان دور ۾ آصفه ڀٽو ۽ بختاور ٽوئيٽ ڪري چيو هو ته عرفان مروت لاءِ پ پ ۾ ڪابه جاءِ نه آهي ۽ پوءِ  عرفان مروت  جي پيپلز پارٽيءَ  ۾ شموليت  نه ٿي سگهي هئي. هاڻي به شفيق مينگل جيڪڏهن پيپلز پارٽي  ۾شموليت جو فيصلو ڪيو به هوندو ته شموليت ممڪن نظر نه ٿي اچي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.