سنڌ جون زمينون ٻين ادارن جي حوالي ڪرڻ جي ضرورت ناهي:اياز لطيف پليجو

مورو /نواب شاھ /گمبٽ(نمائندا)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي جو دولتپور، مورو، نواب شاھ گمبٽ پھچڻ تي ڪارڪنن، شھرين ۽ واپارين گلن جي ورکا ڪري کيس اجرڪن، لنگهين ۽  سنڌي ٽوپين جا تحفا پيش ڏنا اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ جون زمينون، پيٽرول، ماربل يا ٻيا وسيلا ڏيڻ جو اختيار نگران حڪومت کي ڇا پر چونڊيل حڪومت کي به ناهي ، اهو اختيار سنڌ جي ست ڪروڙ عوام کي آهي، جيڪڏهن حڪومت چاهي ٿي ته  سنڌ جون سرڪاري زمينون آباد ڪجن ته  اهي سنڌ جي هارين کي ڏين ته  اهي آباد ڪن باقي اهو ڪهڙو طريقو آهي جو سنڌ جون زمينون ادارن کي ڏنيون  سنڌ جون زمينون ٻين ادارن جي حوالي ڪرڻ جي ضرورت ناهي،هن چيو ته  سنڌ جي ھر ضلعي کي ھڪ جديد اسپتال ۽ وڏي يونيورسٽي جي ضرورت آھي. ڏسڻ گھرجي ته  ڇا سنڌ جون يونيورسٽيون جديد دنيا جي معيار واريون آھن سنڌ جي ضلعن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڊرينيج نظام کي ٺيڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته  شاگرد مايوسي ۽تصوراتي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچن،سنڌ کي سرداري نظام ۽ وڏيري شاھي مان نجات ڏيارڻي پوندي، استادن ۽ ڊاڪٽرن کي جديد تحقيق سان جڙڻو پوندو. سنڌ ۾ بدامني، اغوا، ڌاڙن جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي آھي. سنڌ جا ماڻھو ڏوھن، اڻبرابري ۽ ڪرپشن مان نجات چاھين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.