سنڌ جون زمينون فوجي ادارن کي ڏيڻ خلاف ڪراچي ۾ وڪيلن جي ريلي، ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف وڪيلن احتجاج ڪندي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سينيئر ايڊووڪيٽ خليل انصاري، عاقب راڄپر، سيد  غلام شاهه، اصغر ناريجو، صداقت ميمڻ، امير بخش ميتلو، عمير خواجا، وھاب بلوچ ۽ 200 کان وڌيڪ وڪيلن شرڪت ڪئي.ڪراچي ۾ هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ وڪيلن سنڌ جي زمين  فوج کي ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪئي. هنن چيو ته سنڌ جو عوام اڳي ئي غربت، بنيادي ضرورتن جي کوٽ ۽ انفراسٽرڪچر جي ناقص صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. هنن زور ڀريو ته ٻاهرين ماڻهن کي زمين الاٽ ڪرڻ سان ئي اهي مسئلا وڌي ويندا. وڪيلن چيو ته سنڌ ۾ ماڻهو بک مرن ٿا، ننگي پيرن جي زندگي گذاري رهيا آهن. "صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر، امن امان جي صورتحال خراب آهي، اسان اهو فيصلو قبول نٿا ڪري سگهون.”  مظاهرين مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت 54 هزار ايڪڙ زمين نيلام ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي. هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو ۽ سڄي صوبي ۾ تحريڪ هلائي ويندي. اسان اهو فيصلو ڪنهن به قيمت تي قبول نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.