ڪراچي ۾ ميڊيائي ادارن مان برطرفين ۽ پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ( پي ايف يو جي) طرفان جمعي ڏينهن تي مختلف اخبارن ۽ ٽي وي نيوز چينلن مان  ملازمن جي برطرفي ۽ پگهارون نه ڏيڻ خلاف پي ايف يو جي، جي ايڪشن ڪميٽي جي سيڪريٽري مظهر عباس، ڪي يو جي اِيڊهاڪ ڪميٽي جي سيڪريٽري امتياز فاران، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سردار لياقت ڪشميري جي اڳواڻي ۾ هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ميڊيا مان ڇانٽي ٿيل ملازمن جون نوڪريون بحال ڪيون وڃن ۽ اخباري ڪارڪنن جون رڪيل پگهارون ڏئي انهن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي. هنن چيو ته هن وقت اخبارن ۽ نيوز ٽي وي چينلن ۾ ڪم ڪندڙ صحافي معاشي مصيبتن ۽ بي روزگاري جي خوف جو شڪار آهن. هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر وڌندڙ معاشي بحران ۽ مهانگائي جو وڌيڪ شڪار آهن، ملڪ اندر جمهوريت کي مستحڪم رکڻ لاءِ آزاد صحافت ضروري آهي ۽ ان لاءِ صحافين کي روزگار جي ضمانت ڏني وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.