ضلعي خودمختياري کانسواءِ صوبائي خودمختياري جي ڪا اهميت ناهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي ( پ ر )  متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جيڪي ماڻهو صوبي جي نعري تي ناراض آهن، اهي اسان جي آئيني ترميمي دستاويز جي حمايت  ڪن. اسان چاهيون ٿا ته اختيار وزيراعليٰ هائوس مان ڪڍي روڊن تي آڻيون، پيپلز پارٽي کي اڃان به لنڊن جي بائيڪاٽ جو آسرو آهي، ضلعي خودمختياري کانسواءِ صوبائي خودمختياري جو ڪو به فائدو نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪائونسل آف نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) پاران عام چونڊن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جي موضوع تي منعقد ڪيل پروگرام ”ميٽ دي ايڊيٽرز“ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ۽ اڳوڻو وفاقي وزير امين الحق، شمشاد صديقي ۽ آسيه اسحاق به ساڻس گڏ هئا. مصطفيٰ ڪمال دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي مان قومي اسيمبلي جون 22 ئي سيٽون کٽيندي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته 18هين ترميم باوجود صوبائي اختيار ۽ اين ايف سي مان ملندڙ مالي وسيلا هيٺين سطح تائين منتقل نه ڪيا ويا آهن، سمورا اختيار ۽ وسيلا وڏي وزير وٽ آهن، اهو جمهوريت ۽ 18هين ترميم تي سواليه نشان آهي. هن چيو ته  مسلم ليگ ن سان اتحاد جو مقصد آئيني ترميمن لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي، ايم ڪيو ايم مسلم ليگ ن جي قيادت ترميمن جي اهميت تي راضي ڪيو آهي. ان موقعي تي سي پي اين اي جو نائب صدر عارف بلوچ، فنانس سيڪريٽري غلام نبي چانڊيو، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل حامد حسين عابدي، جوائنٽ سيڪريٽري مقصود يوسفي، ميمبر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، عبدالخالق علي، احمد اقبال بلوچ، عبدالسميع منڱريو، ذيشان، اياز ميمڻ، عمران ڪورائي، محمود عالم خالد، مدثر عالم، محمد سراج، منزا سهام، حسن عباس، نصرت مرزا، سلمان قريشي، سيد مدثر، علي بن يونس، شير محمد کهاوڙ، شاهد ساٽي ۽ صابره فاطمه پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.