ڪراچي ۾ عورت کي بليڪ ميل ڪندڙ عورت سميت 3 جعلي صحافي گرفتار

 ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي رضويا پوليس عورت کي بليڪ ميل ڪندڙ عورت سميت 3 جعلي صحافين کي گرفتار ڪري جعلي پريس ڪارڊ هٿ ڪري ورتا، ترجمان ضلعي سينٽرل پوليس موجب گرفتار جوابدارن پاڻ کي صحافي  ظاهر ڪري عورت کي بليڪ ميل ڪري 49 هزار  ورتا، جوابدارن وڌيڪ رقم جو مطالبو ڪري رهيا هئا، هو ڀتو وٺڻ لاءِ عورت جي گهر پهتا، پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ ملڪ سجاد ولد ملڪ ممتاز احمد خان، دانيال احمد ولد محمد سليم ۽ سونيا زال اياز شامل آهن، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کان جاچ جاري آهي، جنهن بعد جوابدار جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ به ڪارروائي ڪئي ويندي، جعلي صحافڻ عورت سونيا کي وومين ٿاڻي صدر منتقل ڪيو ويو آهي.

غير شرعي نڪاح ڪيس، وڪيل پاران ثبوتن لاءِ مهلت طلب

اسلام آباد ( م ڊ )  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي چيئرمين عمران خان ۽ بشريٰ بي بي  خلاف مبينا غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ درخواستگذار خاور مانيڪا جي وڪيل عدالت کان دستاويزي ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ سومر تائين مهلت طلب ڪري ورتي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي خلاف مبينا غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار خاور مانيڪا جو وڪيل رضوان عباسي سول جج قدرت الله جي عدالت ۾ پيش ٿيو. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته دستاويزي ثبوت عدالت ۾ پيش ڪرڻا آهن، تنهن ڪري مهلت ڏني وڃي. جنهن تي جج قدرت الله چيو ته درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ  يا نه هئڻ بابت دليل به ڏنا وڃن. وڪيل چيو ته دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ سومر تائين جو وقت ڏنو وڃي، دليل به سومر تي ڏينداسين. خاورمانيڪا جي وڪيل جي درخواست تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اوقاف کاتي جو مسجدن ۾ عورتن لاءِ الڳ هنڌ مختص ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر )  سنڌ حڪومت اوقاف کاتي جي سمورين مسجدن ۾ عورتن لاءِ الڳ هنڌ مختص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ قانون ۽ اوقاف واري صوبائي وزير محمد عمر سومرو جي صدارت هيٺ اوقاف کاتي جو اهم اجلاس سيڪريٽري اوقاف جي آفيس ۾ ٿيو، جنهن ۾  سيڪريٽري اوقاف منور مهيسر، اوقاف کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آفيسرن جي مسجدن، مدرسن جي رجسٽريشن ۽ عورتن جي نماز لاءِ الڳ جاءِ مختص ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.  نگران وزير محمد عمر سومرو اجلاس ۾ اوقاف واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي اوقاف کاتي جي 77 مسجدن ۾ عورتن لاءِ نماز ادا ڪرڻ لاءِ الڳ جاءِ مختص ڪئي وڃي ۽ سرڪيولر جاري ڪيو وڃي ۽ ان سان لاڳاپيل انگريزي، اردو، سنڌي ۽ گجراتي ٻولين ۾ آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي. صوبائي وزير عمر سومرو حڪم جاري ڪندي چيو ته سنڌ جي سمورين رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ مسجدن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سيڪريٽري اوقاف منور علي مهيسر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي سنڌ ۾ 8903 مدرسا رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن، وڌيڪ مسجدن ۽ مدرسن کي رجسٽرڊ ڪرڻ تي ڪم جاري آهي.

حيدرآباد سول اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر وقار محمود ڊائريڪٽر جنرل صحت مقرر

ڪراچي(رپورٽر) حيدرآباد سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر وقار محمود ميمڻ کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر جنرل صحت مقرر ڪيو ويو آهي، چيف سيڪريٽري نوٽيفڪيشن جاري ڪندي 20 هين گريڊ جي  ڊاڪٽر وقار محمود کي ڊي جي جي خالي جاءِ تي مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ اسپورٽس فيسٽيول اڄ کان شروع

ڪراچي (رپورٽر) اسپورٽس فيسٽيول اڄ کان ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي اڳواڻي ۾ شروع ٿي رهيو آهي، ڊي سي سائوٿ اسپورٽس فيسٽول  24/23 کي منعقد ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر فريد علي ڪراچي سائوٿ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو سيد طحٰه احمد پاران ڪيو ويو، ڊي سي سائوٿ جي ينگ يوٿ اسپورٽس  شروع ٿيندڙ هن سيريز جي مقابلن ۾ حصو وٺندا جنهن ۾ فيمليز پڻ شامل آهن، ڊي سي سائوٿ اسپورٽس فيسٽيول ۾ آرم ريسلنگ، ٽائيڪوانڊو ۽ رنگ بال جون رانديون شامل  آهن. آرم ريسلنگ جي مقابلي ۾ 50 فيميلز حصو وٺنديون جڏهن ته ٽائيڪوانڊو جي مقابلي ۾ 16 ڇوڪرا ۽ 16 ڇوڪريون حصو وٺنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.