ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ دشمن منصوبن خلاف ھميشه اڳڀرو رھيو : ثمر جتوئي

حيدرآباد  ( ن ع آ )  سنڌ ھاري ڪاميٽي جي طرفان  بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ويجهي ساٿي ڪامريڊ سوڀي گيان چنداڻي  جي نائين ورسي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ملھائي وئي. ورسي تقريب ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي شخصيتن، قومپرستن ۽ صحافين شرڪت ڪئي . تقريب کي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، واحد بخش، سارنگ ڄام، ڪامريڊ عابداش ايسر داس، آزاد عالم لاشاري، ايڊوڪيٽ محب آزاد، پروفيسر بجو شر ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان  موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جو عظيم ڪردار ۽ ھڪ انقلابي دانشور اديب سان گڏ گڏ انقلابي رھنما ھو. هن چيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي  ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ويجھن ساٿين ۾ شمار ٿيندو هو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جي مسڪين ھارين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي. ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پنھجي سڄي زندگي سنڌ جي ھارين پورھيتن ۽ مظلوم ماڻھن جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ھميشه اڳڀرو رھيو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو آخري انٽرويو پڻ ڪيو ۽ شيخ اياز کيس سنڌ جو لال قلندر سڏيو جڏھن ته ٽيگو ھن کي مين آف دي موھن جو دڙو جو لقب ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.