ڊائريڪٽر ايس بي سي اي جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ايف ايريا بلاڪ 12۾ غيرقانوني  ڊگهي عمارت کي نه ڊاهڻ تي ڊائريڪٽر ايس بي سي اي سينٽرل جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته جستائين غيرقانوني طور ٺهيل عمارت کي ڊاهيو نه ويندو تيستائين ڊائريڪٽر ايس بي سي اي سينٽرل جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ رهندو، حڪم ۾ چيو ويو ته عدالت جي اجازت جي بغير ملازمن ۽ آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون نه ڪيون وينديون، هرڪيس ۾ ايئن ٿي رهيو آهي ته آفيسر هڪ ڏينهن ايندو آهي وري ٻئي ڏينهن تي اهو بدلي ٿي ويندو آهي يا وري چوندو آهي ته مون کي چارج اڄ ملي آهي، هي ڇا ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.