ن ليگ ۽ آءِ پي پي ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق

لاهور ( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ٿي ويو. ذريعن جو  چوڻ آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سان استحڪام پاڪستان پارٽي جي سرپرست جهانگير ترين ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ماڊل ٽائون ۾ شهباز شريف جي رهائشگاهه تي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ راڻا ثناءُ الله ۽ اياز صادق به شرڪت ڪئي، جڏهن ته آءِ پي پي جو عون چوڌري به ملاقات ۾ موجود هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ جهانگير ترين وچ ۾ ملاقات دوران چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ڪيو ويو، ايندڙ ملاقاتن ۾ پيپر ورڪ سان سيٽن جو انگ طئي ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.