سپريم ڪورٽ پاران ذوالفقار ڀٽو جو ڪيس ٻڌڻ سٺو قدم آهي: اعظم نذير

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس ٻڌڻ تمام سٺو قدم آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهو ڪم گهڻو اڳ ٿيڻ گهربو هو. نواز شريف جي نااهلي بابت سوال تي هن چيو ته هي ريفرنس 2012ع کان التوا ۾ آهي، 12 سالن کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي، تاحيات نااهلي خلاف داخل درخواست کي ٻه سال ٿي ويا آهن هي صرف نواز شريف جو ڪيس ناهي، 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي تاحيات نااهل ڪيو ويو آهي. هاڻي ان ۾ ترميم ٿي چڪي آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته تمام سٺو ٿئي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي خلاف درخواستن کي مقرر ڪري ان سان ماڻهن جا ننڍا وڏا خدشا ختم ٿي ويندا. هن چيو ته منهنجي ڄاڻ موجب تاحيات نااهلي جو قانون هاڻي ختم ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.