ادارا خانگائڻ ۾ عدالتي رنڊڪون هٽائڻ لاءِ اپيلٽ ٽربيونل جو فيصلو، آرڊيننس جاري ٿيندو

اسلام آباد(م ڊ) نگران وفاقي حڪومت پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) سميت سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب نگران وفاقي ڪابينا نجڪاري کي يقيني بڻائڻ لاءِ آرڊيننس  جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نجڪاري خلاف درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ اپيلٽ ٽربيونل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ نجڪاري ڪميشن جي اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلي کي رڳو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف عدالتن ۾ ڪيس داخل ٿيڻ سبب نجڪاري جو عمل بُري طرح متاثر ٿيو، ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي مطالبي تي اپيلٽ ٽربيونل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي هاءِ ڪورٽن ۽ ٻين عدالتن ۾ هلندڙ ڪيس اپيليٽ ٽربيونل ڏانهن منتقل ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف عدالتن ۾ ڪيس داخل ٿيڻ سبب نجڪاري جو عمل بُري طرح متاثر ٿيو، ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي مطالبي تي اپيلٽ ٽربيونل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي هاءِ ڪورٽن ۽ ٻين عدالتن ۾ هلندڙ ڪيس اپيليٽ ٽربيونل ڏانهن منتقل ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.