اسٽاڪ مارڪيٽ 66 هزار پوائنٽس کان وڌي وئي، ڊالر ۾ 25 پئسا لاٿ

ڪراچي ( م ڊ )  اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو لاڙو جاري آهي جمعي واري ڏينهن 100 انڊيڪس 66 هزار پوائنٽس کان به وڌي ويو . اسٽاڪ ايڪس چينج جي اڳواڻن موجب جمعي واري ڏينهن ڪاروبار  جي شروعات تي پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس ۾ 1344 پوائنٽس جو اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو جنهن سميت انڊيڪس 66 هزار پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي رهيو ان جو چوڻ آهي ته حڪومت جي بهتر پاليسين سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبر دست تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ به تيزي ڏسڻ ۾ آئي حڪومت جي بهتر معاشي پاليسين سبب گذريل ٻن مهينن دوران اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اضافو ۽ ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر بهتر ٿي رهي آهي. ٻئي پاسي ملڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 25 پئسا سستو ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ موجب ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ آمريڪي ڊالر جو اگهه 283 رپيا 87 پئسا ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.