صحبت پور(م ڊ) صحب پور شهر ويجهو ڪلي حسين آباد جي روڊ جي تعميراتي ڪم ڪندڙ مزدورن جي ڪيمپ تي اڻ ڄاتل ماڻهن طرفان رموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي ۾ هڪ پورهيت فوت، ٻن پوليس اهلڪارن سميت هڪ مزدور زخمي ٿي پيو آهي. پوليس ذريعن موجب خميس جي صبح سرڪاري تعميراتي ڪم ۾ مصروف مزدور ۽ ڊيوٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن تي رموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت ٽريڪٽر ڊرائيور صدام حسين کوسو فوت ٿي ويو جڏهن ته ڊيوٽي تي مقرر ٻه پوليس اهلڪار محمد عثمان گولو، مهتاب علي انڙ ۽ هڪ مزدور صاحب خان جاگيراڻي زخمي ٿي پيا. ڌماڪي کانپوءِ صحبت پور جي پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال پهچايو