ڪراچي ۾ باهه واقعي جي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عرشي شاپنگ سينٽر ۾ ٻاهه لڳڻ واري واقعي ۾ متاثرن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ ايدووڪيٽ نديم شيخ ۽  ايدووڪيٽ سليم مائيڪل پاران درخواست داخل ڪرائي وئي آهي. درخواستگذار نديم شيخ ۽ سليم مائيڪل پنهنجي موقف ۾ ڄاڻايو آهي ته 6 ڊسمبر تي عرشي شاپنگ مال ۾ خوفناڪ ٻاهه لڳي. فوتين جو انگ 5 ٿي ويو آهي ۽ ڪيترائي زخمي آهن. درخواستگذار موجب واقعي جي متاثرن جي زندگي مشڪل ٿي وئي آهي، متاثرن کي جڳهه،کاڌو ۽ ڪپڙن سميت بنيادي شيون ترت فراهم ڪيون وڃن، واقعي ۾ زخمين کي طبي امداد ڏني وڃي. صدمي جي شڪار متاثرين جي ڪونسلنگ ڪئي وڃي. حڪومت سطح تي مالي مدد ۾ ڏکيائيون آهن عدالت فوري شفاف عمل جي ذريعي ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.