عائشه منزل ۾ باهه متاثر عمارت رهائش لائق قرار، امدادي ڪئمپون به قائم

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي عائشه منزل ۾ باهه متاثر عمارت کي رهائش لائق قرار ڏنو ويو آهي. سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس  ايس پي) ​​سينٽرل فيصل عبدالله چاچڙ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ٽيڪنيڪل ڪميٽي متاثر عمارت ۾ رهڻ جي اجازت ڏني آهي، متاثر عمارت جون چار منزلون رهڻ لائق آهن. عمارت جي رهواسين کي ضروري شيون آڻڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، فليٽس جي رهواسين کي واري واري سان اندر موڪليو پيو وڃي، ليڊي پوليس اهلڪار ۽ ٻيا اهلڪار به گڏ آهن. ٻئي پاسي باهه واري واقعي کانپوءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن متاثر عمارت جو دورو ڪيو. عمارت جو دورو ڪرڻ بعد ايڊيشنل ڊي جي ايس بي سي اي ٻڌايو ته عمارت جي گرائونڊ فلور کي نقصان پهتو آهي پر عمارت جي انفراسٽرڪچر کي نقصان نه ٿيو آهي، فليٽ محفوظ آهن.هوڏانهن ٽي ايم سي گلبرڪ باهه متاثرن لاءِ 2 اسڪولن ۾ امدادي ڪيمپون قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب مولانا الطاف حسين هالي اسڪول عزيز آباد نمبر 8 ۽ علامه شبير عثماني اسڪول ايف بي ايريا بلاڪ 14 ۾ امدادي ڪئمپ لڳائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.