اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ 14 ڊسمبر تي شوڪت عزيز صديقي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي تي ٻڌل آهي. ان کان علاوه جسٽس عرفان سعادت خان به پنج رڪني بينچ ۾ شامل آهي.