صحبت پور ۾ بم ڌماڪو، پورهيت فوت، اهلڪارن سميت 3 زخمي

صحبت پور(م ڊ) صحب پور شهر ويجهو ڪلي حسين آباد جي روڊ جي تعميراتي ڪم ڪندڙ مزدورن جي ڪيمپ تي اڻ ڄاتل ماڻهن طرفان رموٽ  ڪنٽرول بم ڌماڪي ۾ هڪ پورهيت فوت، ٻن پوليس اهلڪارن سميت هڪ مزدور زخمي ٿي پيو آهي. پوليس ذريعن موجب خميس جي صبح سرڪاري تعميراتي ڪم ۾ مصروف مزدور ۽ ڊيوٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن تي رموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت ٽريڪٽر ڊرائيور صدام حسين کوسو فوت ٿي ويو جڏهن ته ڊيوٽي تي مقرر ٻه پوليس اهلڪار محمد عثمان گولو، مهتاب علي انڙ ۽ هڪ مزدور صاحب خان جاگيراڻي زخمي ٿي پيا. ڌماڪي کانپوءِ صحبت پور جي پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال پهچايو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.